حيدرآباد (پ_ر) افغانين ۽ ٻين غير قانوني غيرملڪين کي فقط لاهور ۽ اسلام آباد مان نيڪالي ڏني وئي آهي، باقي سنڌ ۾ اڃا به لکين غيرملڪي غيرقانوني طور آباد آهن. سنڌ جي ضلعن جي انتظاميا رشوت عيوض غيرقانوني غيرملڪين کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، مقامي ماڻهن طرفان غيرملڪين جي نشاندهي ڪرڻ باوجود ضلعن جا ايس ايس پي، ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ڪا ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ضلعن جا ڊي سي به غيرملڪين کي نيڪالي ڏيڻ واري آپريشن کان لاتعلق بڻيل آهن. سنڌ سرڪار غيرقانوني غيرملڪين خلاف آپريشن جي نالي ۾ 4 ارب روپين جي بجيٽ رکي سا به ڪامورن هڙپ ڪري ڇڏي آهي. 400 ڪروڙ روپيا خرچ ڪرڻ باوجود سنڌ ۾ رهندڙ غيرقانوني غيرملڪين خلاف اثرائتو آپريشن ناهي ٿيو. سنڌ سرڪار ان آپريشن جي نالي ۾ ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن. اهڙو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ستار رند ۽ محمد علي ٽالپر پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ مان غيرقانوني غيرملڪين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڪو به بندوبست ناهي ڪيو ويو. نادرا رشوت عيوض 40 لک کان وڌيڪ غيرملڪين کي سنڌ جا شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا آهن، ايف آئي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پڻ اهو انڪشاف ڪيو هو، ان باوجود هڪ به غيرقانوني غيرملڪي جو جعلي ڪارڊ بلاڪ ناهي ڪيو ويو. سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ غيرملڪين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن جو تعداد هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. ملڪ جي حڪمرانن سنڌ ۾ غيرقانوني غيرملڪين لاءِ نرم پاليسي رکي سنڌ کي پرڏيهي دهشتگردن جي پناه گاه بڻائي ڇڏيو آهي.
