ميرپورخاص (ن س) زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪري سنڌي قوم جي پيرن ھيٺان ڌرتي کسڻ جي سازش آھي سنڌ ۾ پيل سرڪاري زمينن تي سڀ کان پھريون حق اتي جي مقامي بي زمين ھارين جو آھي.پيپلزپارٽي طرفان سنڌ ۾ رھندڙ لکين بھارين برمين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائي ڏيڻ جا مطالبا ڪرڻ وارو عمل سنڌ دشمني تي ٻڌل ۽ سنڌي عوام کي پنھنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي. سنڌ جو عوام پرامن جدوجھد وسيلي سنڌ دشمن منصوبن کي ناڪام بنائيندو. سنڌي هاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان 5 نومبر تي ميرپور خاص ۾ عظيم الشان ريلي ڪڍي ويندي.ريلي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، امير بخش جروار، ميوارام ۽ غلام مصطفيٰ شر ميرپورخاص جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري ھارين ۽ آبادگارن صحافين ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻھن کي دعوتون ڏنيون. دوري دوران ڳوٺ روستم لغاري، مير محمد ٿيٻو، نور محمد اوٺو، جاني لغاري، لکانو ڪوري ۽ ڪاٺڙي سمت مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهه ٻولھ ڪندي اڳواڻن چيو ته غيرقانوني غيرملڪين کي نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي تي سنڌ ۾ عمل ٿيندي نظر نه پيو اچي. غيرملڪين کي نيڪالي ڏيڻ واري فيصلي تي عمل ڪري سنڌ مان غيرملڪين کي فورن نيڪالي ڏني وڃي. سنڌ مان غيرقانوني غيرملڪين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ گڏيل قومن جا ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن. خودڪش حملا ڪندڙ منشيات ۽ ھٿيارن جو ڪاروبار ڪندڙ ۽ ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث لکين افغانين ۽ ٻين غيرملڪين جي حمايت ۾ احتجاج ڪرڻ ڪھڙي وطن دوستي ۽ ملڪ سان وفاداري آھي؟ پيپلز پارٽي هٿيارن ۽ منشيات جي غيرملڪي اسمگلرن جي فنڊنگ تي اليڪشن مهم هلائڻ لاءِ غيرقانوني غيرملڪين جي سرپرستي ڪري رهي آهي. بيهارين ۽ ٻين غيرملڪين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جا مطالبا ڪندڙ پيپلز پارٽي وارا سنڌ ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ بدامني جا ذميوار آهن. غير قانوني طور رهندڙ غيرملڪين کي سنڌي عوام مٿان سوار ڪرڻ جي حمايت ڪندڙ قوتون ملڪ دشمني ڪري رهيون آهن. غيرقانوني غيرملڪين جي حمايت ۾ نڪرندڙ احتجاجن کي آمريڪي سامراج ۽ هٿيارن ۽ منشيات جي افغاني اسمگلرن جي پٺڀرائي حاصل آهي. هر قسم جي غيرقانوني سرگرمين جي روڪٿام ٿيڻ گهرجي. آمريڪا پنهنجن ماڻهن ذريعي پاڪستان ۾ احتجاج ڪرائي پاڪستان ۾ حالتون خراب ڪرڻ ٿو چاھي. غيرقانوني غيرملڪين کي سنڌي عوام مٿان مڙهي سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهي آمريڪا ڏکڻ ايشيا ۾ خونريزي ڪرائڻ چاهي ٿو. آمريڪي مداخلت هر ملڪ ۾ رتوڇاڻ ۽ خونريزي جو سبب بڻي آهي. آمريڪي سامراج پنهنجن مفادن خاطر پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اڳ ۾ به دهشتگردي پکيڙي رت جون نديون وهايون هيون. آمريڪا پاڪستان ۾ مداخلت ڪري عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. پاڪستان سميت دنيا جي سڀني ملڪن جو اهو بنيادي حق آهي ته اهي غيرقانوني غيرملڪين کي گرفتار ڪري سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪلين. اها ڳالهه ثابت ٿيل آهي ته پاڪستان خصوصن سنڌ ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪن، ماڻهو اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن کي جديد هٿيار پهچائي ڌاڙيل گردي کي هٿي ڏيڻ، ٽارگيٽ ڪلنگ، اسٽريٽ ڪرائم سميت مختلف دهشتگرد ڪاروائين ۾ غيرقانوني طور آيل غيرملڪي ملوث آهن.










