عيد ميلاد النبي جي حوالي سان واٽر ڪارپوريشن خاص انتظام ڪري پئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين واٽر ڪارپوريشن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي هدايتن تي ماھ ربيع الاول جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي حوالي سان واٽر ڪارپوريشن خاص انتظام ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ 12 ربيع الاول جشن عيد ميلاد النبي ﷺ کان اڳ مجلسن، مسجدن سميت جلوس جي رستن تي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا بھترر انتظام ڪيا پيا وڃن ۽ سڀني کليل مين هولز تي رِنگ سليب ۽ ڍڪ رکندي گندي پاڻي جي اوور فلو جي صفائي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاراث صدر اهل سنت رابطا ڪائونسل پاڪستان سيد مسرور هاشمي ۽ مرڪزي صدر انجمن نوجوانان اسلام پاڪستان محمد خالد نور جي سربراهي ۾ آيل وفد سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي وفد واٽر ڪارپوريشن اختيارين کي جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي مجلسن، مسجدن سميت جلوس جي رستن تي درپيش پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مختلف مسئلن کان آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، سي او او واٽر ڪارپوريشن وفد کي سمورن مسئلن جي فوري حل جو يقين ڏياريندي موقعي تي موجود لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ۽ جشن ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي مسجدن ۽ جلوسن جي رستن تي واٽر ٽينڪرز فراهم ڪيا وڃن ڇاڪاڻ تہ شهرين ۽ عبادت گذارن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي، ان موقعي تي صدر اهل سنت رابطا ڪائونسل پاڪستان پاران واٽر ڪارپوريشن انتظاميا جو شڪريو ادا ڪندي چيو تہ واٽر ڪارپوريشن جا آفيسر ۽ ملازم هميشہ سندن مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪندا رهيا آهن، ملاقات ۾ نائب صدر سنڌ جمعيت علماءِ پاڪستان قاضي نوراني، مفتي حمزه قادري، علامه بلال شاھ ۽ امتياز انور علاوه واٽر ڪارپوريشن جا محمد حنيف بلوچ، آفتاب عالم چانڊيو، شفقت مڱن سميت شهباز بشير موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو