لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز عورتن تي تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي خاص پيغام جاري ڪيو آهي.مريم نواز پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عورتون منهنجي ريڊ لائين آهن، انهن تي تشدد يا ظلم ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.هن چيو ته مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جو احترام سماجي روايتون ۽ مذهبي قدر آهن.پنجاب جي وڏي وزير اهو به چيو آهي ته اسلام جي مذهب ۾ عورتن کي مڪمل عزت ۽ حق ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.










