مردان: (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته موجوده پارليامينٽ جعلي آهي جيڪا ڌانڌلي ذريعي وجود ۾ آئي. جيڪڏهن عوام روڊن تي آيو ته ايوانن ۾ زلزلي جهڙي صورتحال هوندي.جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته موجوده پارليامينٽ جي ڪابه حيثيت نه آهي، منهنجي پارليامينٽ عوام آهي، عوام جيڪڏهن روڊن تي ايندو ته ايوانن ۾ زلزلي جهڙي صورتحال هوندي. هن چيو ته اسان پنهنجي جدوجهد ناهي ڇڏي، ميدان ۾ رهنداسين ۽ اوهان جي ايوانن تائين پهچنداسين.فلسطين بابت ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چوي ٿو ته سعودي عرب ۾ فلسطينين کي آباد ڪنداسين، فلسطيني غزه تي بمباري جي باوجود ڄميل رهيا. هن چيو ته غزه ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا پر مجاهد ڄميل رهيا اسان فلسطينين سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون.مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته آمريڪا کان وٺي سموري دنيا ۾ مدرسا ختم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، گذريل سال 8 فيبروري تي بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، سموري دنيا ۾ آمريڪا کي طاقتور سمجهيو پيو وڃي. ٽرمپ دنيا جو سڀني کان وڏو چريو آهي.جي يو آءِ سربراهه چيو ته منهنجي پارليامينٽ عوام آهي، افغانستان، عراق ۽ شام مان ماڻهن هجرت ڪري ورتي، فلسطيني واحد قوم آهي جيڪا غزه تي بمباري ٿي پر ڄميل رهيا. 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا پر مجاهد پوئتي نه هٽيا. هن چيو ته جيستائين منهنجي طاقت زنده آهي ڪير به قاديانيت نٿو آڻي سگهي، قاديانيت يهودين جي پيداوار آهي، اسان پنهنجي جدوجهد ناهي ڇڏي، اسان سياسي جهاد جي رستي تي قائم آهيون.










