راهوڪي( ن س )اطلاعات واري اڳوڻي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان راول هائوس راهوڪي ۾ تڪ جي عوام ملاقاتون ڪيون.اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات دوران سندس تڪ جي عوام مختلف ترقياتي اسڪيمون شروع ۽ مڪمل ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا.ان موقعي تي علائقي جي رهواسين اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي مسئلن بابت پڻ آگاهي ڏني.شرجيل انعام ميمڻ عوام کي يقين ڏياريو ته کين مسئلا جلد حل ڪيا ويندا.هن چيو ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ به پيپلز پارٽي کي ئي ڪامياب بڻائيندو، پيپلز پارٽي ئي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام جي اميدن تي پورو لهي سگهي ٿي.
