سنڌ جي زمينن جي نيلامي جي مزاحمت ڪبي، عوامي تحريڪ

نصير آباد /موندر لاکا (ن س ) عوامي تحريڪ جي کاهوڙي اڳواڻ گلزار کوھارو جي چاليهي جو پروگرام ۽ جلسي عام. سنڌ جي زمينن جي نيلامي بند ڪرڻ جو مطالبو. غير ملڪين کي سنڌ ۾ آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ بند ڪريو: ٺهراءُ بحال. ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي قومي وجود ميسارڻ جي سازش قرار. خبر موجب نصير آباد لڳ ڳوٺ موندر لاکا ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ گلزار کوھارو جي چاليهي جو پروگرام ۽ جلسي عام ٿي گذريو. جلسي عام کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊوڪيٽ ساجد حسين مهيسر، جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ماہ نور ملاح، ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ غلام مصطفيٰ چانڊيو، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي صدر عرفان منان، ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمنٰ مهيسر، علي حسن وڪو، سنڌو ملاح، رفيع لغاري، عباس کوکر ،حميد انقلابي، اياز جمال چانڊئي، محسن اياز، مختيار کونھاري، پريم کونھاري ۽ ٻين عوامي تحريڪ جي اڳواڻن، اديبن، دانشورن، صحافين، نامور قلمڪارن، وڪيلن، شاگرد، هاري ۽ مزدور اڳواڻن خطاب ڪيو. جلسي عام کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو تہ گلزار کوھارو عوامي تحريڪ جو بهادر اڳواڻ هيو. هن پنھنجي سموري حياتي سنڌي قوم جي قومي حقن لاءِ جدوجھد ڪندي گذاري. هن چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جي گڏيل وفاقي حڪومت اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو قيام ڪري ملڪ جي ننڍن صوبن جي وسيلن، معدنيات ۽ زمينن کي وڪڻڻ جو خطرناڪ منصوبو جوڙي عوام دشمني جا پويان سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ملڪ جي نگران حڪومت ننڍن صوبن جي وسيلن جي نيلامي، زمينن جي وڪري ۽ ادارن کي خانگائڻ جي ڪاروبار وڌائڻ لاءِ آندي وئي آهي. هن چيو تہ پيپلز پارٽي اقتداري حوس ۾ سنڌ جي زمينن کي وڪڻڻ سان گڏ ڊجيٽل آدمشماري جي روپ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو هر طرفو بندوسبت ڪري ڌارين جي لوڌ آڻي سنڌين کي بي وطن ڪري ڇڏيو آهي. مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو تہ پيپلز پارٽي جي وڏي وزير مراد علي شاهه سي سي آئي جي اجلاس ۾ سنڌ جي گھٽ آبادي وارا انگ اکر تسليم ڪري سنڌ جي مٿان حملي آور ٿيو آهي. سنڌ جي آبادي گهٽائي سنڌ کي غير ملڪين جي محفوظ پناهگاهه بڻايو ويو آهي. هن چيو تہ سنڌ آدمشماري کي پھرين ڏينھن کان رد ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ جي ننڍن صوبن کي آدمشماري تي سخت اعتراض آهن. ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي سموري اقتداري دور ۾ سنڌ کي بدامني، ڌاڙيل راڄ ۽ دهشتگردي کانسواءِ ڪجھ بہ ناهي ڏنو. اڄ سنڌ جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ ڪو بہ ماڻھو محفوظ ناهي. پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ مقامي سردارن جي سرپرستي هيٺ ڌاڙيلن کي قوت بخشي وئي آهي. ستار رند چيو تہ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ سان گڏ سنڌ جي حصي جي پاڻي مان ناجائز طور ڌاڙا هڻي پنجاب جي غير آباد زمين آباد ڪئي پئي وڃي. ڌاڙيل، واهن، ڪئنالن ۽ ڊيمن جي صورت ۾ پنجاب سنڌ جي پاڻي تي مسلسل ڌاڙا هڻي رهيو آهي. سنڌ کي هٿرادو پاڻي کوٽ جي ور چاڙهيو ويو آهي. ماه نور ملاح چيو تہ جاگيرداري نظام عورت جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي حڪومت جاگيردارن کي مچائي مواڙ ڪري سنڌي عورت لاءِ قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي. سنڌ ۾ عورتن جي تذليل جا واقعا پيش اچن ٿا پر ڪو بہ ادارو تحرڪ نہ ٿو وٺي. ھن چيو تہ سنڌ ۾ عورتن جي حقن جي لتاڙ ٿي رھي آھي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس وٺڻ گھرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو