عوامي تحريڪ اجلاس، بدين جي بنيادي مسئلن تي احتجاج جو اعلان

ٽنڊو باگو (ن س ) عوامي تحريڪ ضلعي بدين جو ورڪر ڪنوينشن ضلعي صدر جاکرو نوحاڻي جي صدارت ۾ ٿيو جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي شرڪت. ورڪر ڪنوينشن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار خصوصي شرڪت ڪئي. عوامي تحريڪ طرفان 15 آڪٽوبر تي بدين شھر ۾ سنڌ جي اهم مسئلن تي ڀرپور احتجاجي ريلي جون تياريون شروع. اجلاس ۾ ريلي ۾ هزارين عورتن ۽ ٻارڙن جي شرڪت جي منصوبابندي ڪئي وئي. ريلي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ مختلف ڪميٽيون قائم. خبر موجب بدين، سجاول، ٺٽي، ڪراچي جي ساحلي پٽي تي قبضي، زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي، بوگس ڊجيٽل آدمشماري وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ، سنڌ ۾ لکين افغانين ۽ ٻين ڌارين جي يلغار، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، سنڌ ۾ ڌاڙيلن معرفت ماڻھن کي اغوا ڪرڻ جي ڪُڌي ۽ انسان دشمن ڪاروبار، سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ زبردستي ڌاڙن خلاف عوامي تحريڪ طرفان بدين شھر ۾ 15 آڪٽوبر تي احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي. ريلي جي تيارين جي سلسلي ۾ ٽنڊو باگو شھر ۾ عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي ڪارڪنن جو ورڪر ڪنويشن ڪوٺايو ويو جنھن ۾ ضلعي مان سنڌياڻي تحريڪ سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي. ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ۽ ٻين اڳواڻن چيو تہ گذريل 75 سالن کان پاڪستان جي اقتدار تي انھن قوتن جو قبضو آھي جن ملڪ کي قائد اعظم محمد علي جناح جي بنيادي جمھوري اصولن جي نفي ڪئي. پاڪستان ۾ شامل تاريخي قومن جي حقن تي ڌاڙا ھڻڻ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو ھو اھو اڄ بہ جاري آھي. نام نهاد جمهوري حڪمرانن ۽ سڌي ريت مارشل لا حڪومتن ملڪ کي آمريڪا سامراج ۽ عالمي سامراجي ادارن آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ وٽ وڪڻي ملڪي معشيت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. ملڪ ۽ عوام جي قسمت جا فيصلا عالمي سامراجي ادارا ڪن ٿا.اڳواڻن چيو تہ پيپلز پارٽي پنھنجي سموري اقتداري دور ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون، وسيلا ۽ معدنيات پنھنجي ذاتي جاگير سمجھي نيلام ڪيا آهن. پيپلزپارٽي جي حُڪومت اقتدار خاطر بوگس ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا قبول ڪري سنڌي قوم سان ويساھ گھاتي ڪئي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ دشمن منصوبن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري ۽ سهولت ڪار بڻيل آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ پارٽيون ھاڻ مافيائون بنجي چُڪيون آھن جيڪي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي بھبودي ۽ ترقي وٺرائڻ بدران ڪرپشن ڪري ارب پتي ٿي ويا آھن. سنڌ ۾ ڌاڙيلن رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آھي. جن کي سردارن جي سرپرستي حاصل آھي. ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ سان گڏ انھن جي سرپرستن کي گرفتار ڪيو وڃي. سنڌ ۾ ڪٿي بہ قانون جي ڪا بہ حڪمراني نظر نٿي اچي. ڌاڙيلن سنڌي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو تہ اڄ ملڪ بدترين معاشي صورتحال کي منھن ڏئي رهيو آهي. ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ساڍا ٻہ ڪروڙ ماڻھو غربت جي لڪير کان گھٽ جي زندگي گذاري رهيا آهن. اڃان وڌيڪ سوا ڪروڙ ماڻھو غربت جي لڪير کان هيٺ جي زندگي گذارڻ جو انديشو آهي. ملڪي حڪمرانن مهانگائي جو ايٽم ڪيرائي عوام کي نپوڙي ڇڏيو آهي. وڏا وڏا سرمائيدار ٽيڪسن کان آجا آهن پر عوام کي ڪو بہ رليف نٿو ڏنو وڃي. عوامي تحريڪ طرفان سنڌ جي اهم مسئلن تي بدين شھر ۾ 15 آڪٽوبر تي شاندار ريلي ڪڍي ويندي. ورڪر ڪنوينشن ۾ مرڪزي اڳواڻ محمد علي ٽالپر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪيٽري زرقا هاليپوٽو، ضلع صدر جاکرو نوحاڻي، نائب صدر مهراڻ درس، جنرل سيڪيٽري ايڊووڪيٽ فاضل زئور، مروبت هاليپوٽو، زهرہ، آزادي، سنڌيا زئور، سومار هاليپوٽو، مختيار بڪاري، ڌڻي بخش نوحاڻي، ستو ڪولهي، بهادر ٽالپر، مرتضيٰ جمالي، ٻڌل ڪمار، حبيب ڪلوئي، بيگم ٽالپر، فطرت هاليپوٽو، لکمڻ ڪولهي، سريش ڪمار، سليمان هاليپوٽو، ايڊووڪيٽ محبت هاليپوٽو، گومندو ڪولهي، ايڊووڪيٽ اياز هاليپوٽو، مرتضيٰ شام، طارق خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو