ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آھي تہ حڪومت توڙي ڪمان تبديل ٿيڻ باوجود عوام غير محفوظ، عملي طور سنڌ ڌاڙيلن رھزنن۽ مختلف مافياز جي حوالي آھي. صرف گزريل ھڪ مھيني ۾ ڪراچي جھڙي شھر ۾ رھزني جي وارداتن ۾ 50ماڻھن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو، عوام پنھجي گھرن گھٽين ۾ محفوظ ڪونہ آھي جيڪو گوڊ گورننس جي دعويدار حڪومت جي منھن تي چماٽ آهي. ڪائونسلر محمد حبيب جو رت اجايو نہ ويندو قاتل ضرور پنھجي انجام تي پھنچندا ڇوتہ رب سائين وٽ دير ضرور آھي پر انڌير ڪونہ آھي.اھڙن خيالن جو اظهار ھن گذريل ڏينھن سرجاني واري علائقي ۾ ڪنڊا مافيا ھٿان شھيد ٿيندڙ يوسي 5منگھو پير ٽائون جماعت اسلامي جي منتخب ڪائونسلر محمد حبيب جي گھر پھچي وارثن سان تعزيت جي موقعي تي ميڙاڪي کي خطاب دوران ڪيو. صوبائي امير محمد حسين محنتي، ضلعي امير محمد يوسف ۽ اطلاعات سيڪريٽري مجاھد چنا سميت مرحوم جو پٽ ڀاء ٻيا مٽ مائٽ پڻ موجود ھئا. جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو تہ جماعت اسلامي ھر دور ۾ ھر ظلم ۽ ظالم کي لڪاريو آھي. جماعت اسلامي جو چونڊيل ڪونسلر علاقي جي عوام سان ھرمسئلي تي گڏ بيٺل رھيو جيڪا ڳالھ اڳوڻي صوبائي حڪومت جي سرپرستي ۾ قائم قبضاگيرن ۽ ڪنڊا مافيا کي پسند ڪونہ آئي ۽ جماعت اسلامي جي ڪائونسلر کي رستي تان ھٽائڻ لاءِ شھيد ڪيو ويو. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڌاڙيلن، ظالم سردارن جي سرپرست ۽ ھتي وري گاديءَ واري شهر ۾ زمينن مٿان قبضا ڪندڙ قبضاگير مختلف سسٽم ۽ بجلي چوري ڪري ماڻھن کا ڀتا وٺندڙ ڪنڊا مافيازجي ساٿاري بڻيل آهي. جماعت اسلامي اھڙن مڙني ڪردارن توڙي سرپرستن کي بي نقاب ۽ قانوني جنگ وڙھندي. ھن گھر ڪئي تہ جماعت اسلامي جي چونڏيل ڪائونسلر محمد حبيب جي قاتلن توڙي سرپرستن کي گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي. ضلعي شمالي جي امير ۽ ناظم نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف چيو تہ جماعت اسلامي شھيد محمد حبيب جي خاندان کي ھرگز اڪيلو ڪونہ ڇڏيندي ، مرحوم جي قاتلن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ قانوني جنگ سان گڏ شھيد جي ٻارن جي تعليم توڙي خاندان جي ڪفالت جو فريضو سرانجام ڏيندي. ڇوتہ جماعت اسلامي ھڪ خاندان وانگر آھي اسان سڀ ھڪ ٻئي جي درد کي پنھنجو درد سمجھون ٿا.
