لاڙڪاڻو (رپورٽر) پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته عمران خان محب وطن شخص ناهي، سندس ايجنڊا جمهوريت ۽ پاڪستان ناهي، هو ٽي ٽي پي، مودي سان ياري نڀائيندي دهشتگرد ڪارروائين تي خاموش آهي.سومر ڏينهن پنهنجي رهائشگاهه تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي سلسلي ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته عمران خان اقتدار کسجڻ کان پوءِ چريو ٿي اسيمبلين ۽ ٻين کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن جمهوريت جو حامي هجي ها ته پاڻ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن کان اسيمبلين مان استعيفائون نه ڏياري ها.هن چيو ته آئيني طور تي جنهن صوبي مان گيس پيدا ٿئي ٿي، ان صوبي جو ئي گيس تي حق هجڻ گهرجي، ان ڪري وفاقي حڪومت سنڌ کي آئيني طور تي پنهنجي گئس جو جائز حصو فراهم ڪري، گيس جي بحران سبب گهريلو واهپيدار سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن ۽ صنعتن کي پڻ وڏو نقصان ٿي رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو قتل عوام جي آواز کي دٻائڻ ۽ جمهوريت خلاف سازش هئي پر اسان جمهوريت بهترين انتقام آهي وارو نعرو هڻي ملڪ ۽ جمهوريت کي بچايو.










