عمران خان پاران 3 حلقن مان چونڊ وڙهڻ جو اعلان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جيل مان اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر خان ۽ بئرسٽر علي ظفر اڊيالا جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪئي،ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ جو باني لاهور، ميانوالي ۽ اسلام آباد مان اليڪشن وڙهندو، پي ٽي آءِ باني جي لاءِ نامزدگي فارم اڄ وصول ڪنداسين، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر خان چيو ته اسان ڪڏهن به چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفا جو مطالبو نه ڪيو آهي،بئرسٽر گوهر خان چيو ته چاهيون ٿا ته 8 فيبروري تي ئي شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي، هڪ سياسي جماعت جي چونڊ نشان جو فيصلو جلد ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو