اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ احتجاج جي منصوبه بندي جو ڪيس پي ٽي آءِ باني عمران خان جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ باني جي خلاف اغوا، ڦر، قتل جو ارادو، سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ۽ اي ٽي سي ايڪٽ سميت 13 قلمن جي تحت ڪيس سب انسپيڪٽر قيصر محمود جي مدعيت ۾ کعس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي ٻين 14 مقامي اڳواڻن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.ڪيس جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته جيل ۾ ملاقاتن ۽ رابطن دوران پي ٽي آءِ باني ڪارڪنن کي رياست ۽ ادارن جي خلاف تشدد لاءِ ڀڙڪايو.ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان پي ٽي آءِ اڳواڻن کي پرتشدد هجوم جي قيادت تي مجبور ڪيو. مظاهرين فائرنگ ۽ پيٽرول بمن جو استعمال ڪندي هڪ ڪانسٽيبل کي اغوا ۽ پنجن کي سخت زخمي پڻ ڪيو.










