اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي جاءِ تي شاهه محمود کي قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جو پارلياماني ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي.اسپيڪر سيڪريٽريٽ عمران خان جو قومي اسيمبلي جي ميمبر طور ڪردار ختم ڪري ڇڏيو، هاڻي ان کي اسيمبلي ميمبرن جون اجتماعي استعيفائون قبول ڪرڻ جو اختيار ناهي.ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن پاران استعيفائن جي منظوري لاءِ اربع يا خميس تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آڏو پيش ٿيڻ جو امڪان آهي.ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ عمران خان چيو هو ته قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر جي سامهون بيهنداسين ۽ مطالبو ڪنداسين ته اسان جون استعيفائون قبول ڪيون وڃن.










