عمران خان جي اثاثن ۾ 5 سالن ۾ 27 ڪروڙ کان وڌيڪ جو اضافو

عمران خان جي اثاثن ۾ 5 سالن ۾ 27 ڪروڙ کان وڌيڪ جو اضافو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اثاثن جي تفصيل ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 5 سالن ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي اثاثن ۾ 27 ڪروڙ 72 لک 55 هزار رپين کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي.ڊان نيوز پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني جي اثاثن ۽ نامزدگي ڪاغذن جا تفصيل حاصل ڪري ورتا آهن، دستاويزن موجب پي ٽي آءِ جي باني جي اثاثن جي ماليت 2018 ۾ 3 ڪروڙ 86 لک 94 هزار رپيا هئي، جڏهن ته ماليت 2023ع ۾ 31 ڪروڙ 59 لک 50 هزار رپين کان وڌيڪ جا اثاثا هئا، پي ٽي آءِ باني لاهور زمان پارڪ ۾ 7 ڪنال 8 مرله جو گهر ظاهر ڪيو، جنهن جي تعمير جي لاڳت 4 ڪروڙ 86 لک رپين کان وڌيڪ آهي.دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته بني گالا ۾ 300 ڪنال زمين تحفي ۾ قرار ڏني وئي، جنهن جي مرمت ۽ ريگولرائزيشن تي 39 لک رپين کان وڌيڪ خرچ آيو. عمران خان اسلام آباد جي علائقي مهرا نور ۾ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي 6 ڪنال 16 مرلا زمين، شاپنگ پلازه ۾ 12 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي هڪ دڪان ۽ اسلام آباد پلازه ۾ 34 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي 2 ڪمرن جو گهر خريد ڪيو. فلٽ به ڏيکاريو آهي،ان کان علاوه ڀڪر ۾ 188 ڪنال وارثن جي زمين پڻ دستاويزن ۾ ظاهر ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي باني اسلام آباد جي مختلف بئنڪ اڪائونٽس ۾ 3 ڪروڙ 15 لک کان وڌيڪ نقد ۽ 6 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم موجود آهي. توشه خاني مان خريد ڪيل قيمتي سامان جي ماليت 1 ڪروڙ 18 لک 77 هزار کان وڌيڪ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. عمران خان 2021ع ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي 14.1 ملين رپين کان وڌيڪ جا اثاثا ظاهر ڪيا هئا، 2022ع ۾ اثاثن جي ماليت 32 ڪروڙ رپين کان وڌي وئي. ايف بي آر سرٽيفڪيٽ موجب پي ٽي آءِ جي باني 2023ع ۾ 31.59 ڪروڙ رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا.دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني وٽ هڪ به گاڏي ناهي، جڏهن ته 2 لک رپين جون 4 ٻڪريون به آهن. پي ٽي آءِ جي باني بشرا بي بي جي پاڪپتن ۽ ديپالپور ۾ 698 ڪنال زمين ظاهر ڪئي آهي.عمران خان جي ڪاغذن ۾ بشرا بي بي جي نالي تي بني گالا ۾ 3 ڪنال گهر جو به انڪشاف ٿيو آهي.دستاويزن ۾ پي ٽي آءِ جي باني پنهنجي تعليمي قابليت کي پوليٽيڪل سائنس ۾ بي اي ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، هن پڌرو ڪيو آهي ته هن پنهنجي موجوده پيشي فلانٿروپسٽ طور ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو