پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر اسد قيصر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني چيو آهي ته جيل مان تڏهن ئي ٻاهر ايندس جڏهن اسان جا ڪارڪن ٻاهر نڪرندا.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ٿي، هو خوش ۽ صحتمند آهي.اسد قيصر جو چوڻ آهي ته سياسي انتقام لاءِ اسان تي ڪيس ٺاهيا ويا آهن.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هو 2 جنوري تي حڪومت سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ ٻه وڏا مطالبا پيش ڪندا ته پي ٽي آءِ باني سميت سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.هنن مطالبو ڪيو ته 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي عدالتي انڪوائري ڪئي وڃي ۽ سول ڪيس فوجي عدالتن ۾ نه هلايا وڃن.اڳوڻي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر به چيو ته امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي.










