ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان احسان فراموش آهي جنهن کي ڊيڊي سمجهندو هو اڄ ان کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته اڄ ملڪي معاشي تباهي ذميوار عمران خان خان آهي، نااهل ۽ جاهل شخص کي اقتدار ڏئي ملڪ کي داءَ تي لڳايو ويو .هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪرو پي ٽي آءِ ۽ عمران خان ڪئي، سڀني ٻڌو ته ليڪ ٿيل آڊيوز ۾ عمران خان ميمبرن کي خريدڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، هن توشا خانا جا قالين ۽ گهڙيون به نه ڇڏيون.صوبائي وزير چيو ته عمران خان وزارت اعظمي دوران ساڍن ٽن سالن ۾ سنڌ کي ڪو پروگرام ڏنو هجي تي ٻڌائي، بنون جيل مان دهشتگرد ڀڳا تڏهن به صوبائي حڪومت عمران خان جي حڪومت هئي،پشاور ۾ اي پي ايس سانحي وقت به پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي.هن چيو ته عمران خان آئين ۽ قانون جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا، سندس حڪومتي دور ۾ نيب رڳو مخالفن خلاف استعمال ٿي رهيو هو، عمران خان ۽ ڪي پي جي وزيرن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو.شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جا اسڪرپٽ رائيٽر ڀارت ۽ اسرائيل ۾ ويٺا آهن، هو آسمان تان ناهي لٿو جو سندس خلاف ڪارروائي نه ٿي، هو احسان فراموش آهي جنهن کي پنهنجو ڊيڊي سمجهندو هو، اڄ ان کي ئي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي.ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن بابت سوال جي جواب صوبائي وزير چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جا پابند آهيون، ايم ڪيو ايم جا جيترا به ڌڙا گڏجن، اسان کي ڪو ڊپ ناهي، اسان چونڊن ۾ مقابلو ڪنداسين.










