عمارت ڪرڻ تي ڊائريڪٽر سميت ايس بي سي اي جا 4 آفيسر معطل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر شاهه فيصل ٽائون ڪورنگي ۾ اربع ڏينهن تعمير هيٺ عمارت ڪرڻ سبب 5 حياتيون ضايع ٿيڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) سميت 4 آفيسرن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. اربع ڏينهن شاهه فيصل ڪالوني ۾ پلاٽ نمبر 1191 بلاڪ 5 تي 80 گز تعمير هيٺ عمارت ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿيا هئا. وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس بي سي اي کان سوال ڪيو ته هنن پلاٽ تي اڏاوت جي اجازت ڪيئن ڏني؟ جيڪڏهن اهڙين اڏاوتن ۾ انساني جاني نقصان جو خطرو هو ته ان جي اجازت ڇو ڏني وئي ۽ اهڙي ڪنهن به قسم جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي. معطل ڪيل آفيسرن ۾ ڊائريڪٽر ايس بي سي اي ڪورنگي سيد محمد ضياءَ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم راجا ٿهيم، سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽر تنوير خان ۽ بلڊنگ انسپيڪٽر خرم رضوان شامل آهن. هوڏانهن وڏي وزير جي حڪم تي ايس بي سي اي ڪورنگي جي شاهه فيصل ٽائون ۾ 80 گز جي بلاڪ نمبر 5، پلاٽ نمبر 1191 تي عمارت ڊهي پٽ ٿيڻ جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڊائريڪٽر SBCA انجنيئر نديم احمد (چيئرمين)، ڊپٽي ڊائريڪٽر فهيم مرتضيٰ (ميمبر) ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خالد منصور (ميمبر/سيڪريٽري) بلڊنگ پلان جي منظوري ۽ پلاٽ تي تعميراتي مدت جو جائزو وٺڻ لاءِ انڪوائري ڪندا. انڪوائري ڪميٽي SBCA جي ڏوهي آفيسرن/ اهلڪارن ۽ اختيارين/ ايجنسين جي ڪردار کي پڻ وائکو ڪندي. نگران وڏي وزير جي حڪم موجب 48 ڪلاڪن ۾ جاچ رپورٽ پيش ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو