مانسهره (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اسلام آباد ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.مانسهره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ضروري ناهي ته عوام هر وقت ڌرڻن ۾ هجي، ڌرڻو پي ٽي آءِ جي باني جي سڏ تي ڏنو ويو هو، سندن سڏ تي واپس ڪيو ويندو،هن چيو ته پي ٽي آءِ کي پرامن احتجاج ڪرڻ جي اجازت ناهي، جڏهن اسان جا ماڻهو روڊن تي نڪرندا آهن ته مجبور ڪيو ويندو آهي،علي امين گنڊاپور چيو ته هي ڌرڻو پي ٽي آءِ جي باني جي سڏ تائين جاري رهندو، اسان جي پارٽي سان زبردستي ڪئي وئي آهي، اسان تي بي بنياد ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،هن چيو ته اسان جو ليڊر جيل ۾ آهي، سندس زال کي به جيل ۾ وڌو ويو، اسان جو ڌرڻو جاري آهي ۽ اهو ڌرڻو پي ٽي آءِ جي باني جي سڏ تائين جاري رهندو، اسان پرامن پارٽي آهيون،خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ هميشه ملڪ ۾ آئين جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي، اسان جي پارٽي اڍائي سالن کان ظلم جو شڪار رهي، اسان جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو پر هنن پرامن طريقي سان پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪئي. علي امين گنڊاپور چيو ته اسان جڏهن به ريلي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اجازت نه ڏني وڃي، عدالتن مان به انصاف نه پيو ملي. اسلام آباد مارچ لاءِ پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو هو، پي ٽي آءِ باني اسان کي ڊي چوڪ وڃڻ جي اجازت ڏني، سڀني کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڌرڻو جاري آهي. هن چيو ته احتجاج دوران اسان جا ڪيترائي ماڻهو شهيد ۽ سوين زخمي ٿيا، اسان پرامن هئاسين، اسان تي تشدد ۽ گوليون ڇو هليون؟ جيڪڏهن اسان تي تشدد نه ٿئي ها ته اسان جا ماڻهو سامهون کان جواب نه ڏين ها.










