عليما خان مارچ ۾ اسان سان گڏ ناهي: شوڪت يوسفزئي

عليما خان مارچ ۾ اسان سان گڏ ناهي: شوڪت يوسفزئي

پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته عليما خان اسان سان گڏ ناهي.هڪ بيان ۾ شوڪت يوسفزئي چيو ته اسان اسلام آباد اچي رهيا آهيون، هنن لاهور کي به بند ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته سياسي ورڪر انگن اکرن تي يقين نٿو رکي، ڪاميابي جوش جي بنياد تي ملندي آهي.شوڪت يوسفزئي جو چوڻ آهي ته جڏهن ڳالهيون ٿينديون آهن ته لچڪ پاڻ ئي اچي ويندي آهي، ماڻهن کي مارائي کين ڳالهين لاءِ چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته جعلي ڪيس ختم ٿيڻ گهرجن، ٽرائل جلد مڪمل ٿيڻ گهرجي، حڪومت جو رويو سياسي ناهي، اهو رويو سياسي ڪلچر کي تباهه ڪري ڇڏيندو.هن جو اهو به چوڻ آهي ته ملڪ کي جيڪو به نقصان ٿيندو ان جي ذميوار ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو