عدالتي شنوائي تان واپس موٽندڙن مٿان فائرنگ، 1 ڄڻو قتل

شھدادپور:(ن س) شھدادپور ڀرسان ٻرھون روڊ تي ڳوٺ گل محمد سھتو وٽ شھدادپور جي عدالت مان شنوائي ڏئي موٽرسائيڪل تي واپس ڳوٺ خيرو سنجراڻي ويندي ھٿياربندن کيس روڪي لٺيون هڻڻ کان پوءِ فائرنگ ڪري 50 ورهين جي حسين بخش عرف ارباب ڪيريو کي ٿڏي تي قتل ڪري مزاحمت تي ساڻس گڏ غلام اصغرسنجراڻي کي زخمي ڪري جوابدار آساني فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي.پوليس مقتول جي لاش کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي بعد زخمي کي علاج لاء سمس اسپتال آندو. سمس اسپتال ۾ مقتول جي وارثن ۽ زخمي ٻڌايو تہ شھدادپور جي ڪورٽ مان شنوائي ڏئي موٽرسائيڪل تي واپس ڳوٺ خيرو سنجراڻي وڃي رهيا هئاسين ته ڳوٺ گل محمد سھتو وٽ سلطان ڪيريو موسيٰ ڪيريو، اعجاز ڪيريو ۽ ڪيريا برادري جي ٻين جوابدارن روڪي لٺيون ھڻي فائرنگ ڪري حسين بخش عرف ارباب ڪيريو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.مقتول جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي ڪيريا برادري سان رستي جي معاملي تان ڇڪتاڻ ھلندڙ ھئي جنهن سبب جوابدار ڌر جو 2 مھينا اڳ اسماعيل ڪيريو مارجي ويو ھو جنھن جو فيصلو بہ ٿيل ھو. ايس ايڇ او شھدادپور ٻڌايو تہ جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو