عام چونڊون جنوري کان اڳ ٿي سگهن ٿيون: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وومين ميڊيا سينٽر پاران جاري ڏهه ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي مهمان خاص سعيد غني جو چوڻ آهي ته ڪنهن به پارٽي وٽ مهانگائي کي فوري طور تي گهٽائڻ لاءِ جادو جي ڇڙي ناهي.جيترا پاڪستاني پرڏيهه ويندا اوترو معيشت لاءِ بهتر ٿيندو.پروگرام ۾ خطاب دوران پيپلزپارٽي جي اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو ته ملڪ کي سمورن بحرانن مان نڪرڻ جو واحد حل اليڪشن آهي، ان ۾ ڪيتريون ئي شڪايتون آهن.خدشو آهي ته اليڪشن ٿيندي پر ملڪ لاءِ سٺو ناهي.هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته آبادي ۾ واڌ جي حساب سان سيٽون نه وڌايون ويون آهن.ڪراچي ۾ ”اليڪشن رپورٽنگ ۽ جعلي خبرن کان بچاءُ“ جي عنوان سان هڪ ٽريننگ سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي سميت شهر جي وڏين يونيورسٽين جي شاگردن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ شاگردن کي بريفنگ جا موقعا فراهم ڪيا ويا. پروگرام 4 آڪٽوبر تائين جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو