ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته عام چونڊن کان اڳ تڪ بنديون ٿينديون.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته چونڊن ۾ 2 کان 4 مهينا دير ٿيڻ کي ڪا دير نه سمجهيو وڃي، اسان تمام گهٽ وقت لاءِ آيا آهيون.سرفراز بگٽي چيو ته پاڪستان جي سالميت تي حملن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، رياست تي حملا اسان جا حوصلا گهٽ نٿا ڪري سگهن.هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جي دل آهي ۽ ان جو امن پاڪستان جو امن آهي.سرفراز بگٽي اهو به چيو ته کنڊ ۽ اٽي جي اسمگلنگ بابت ڪالهه اجلاس ٿيو، سمورين فورسز کي اسمگلنگ روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
