عام چونڊن دوران قومي ميڊيا لاءِ 17 نڪتن تي ٻڌل ضابطه اخلاق جاري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن دوران قومي ميڊيا لاءِ 17 نڪتن تي ٻڌل ضابطه اخلاق جاري ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق موجب پولنگ ختم ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ تائين نتيجا ميڊيا تي نشر نه ڪيا ويندا. نتيجا نشر ڪرڻ وقت ٻڌايو ويندو ته اهي غير سرڪاري، غير حتمي نتيجا آهن جن کي آر او طرفان اعلان ڪرڻ تائين حتمي نه سمجهو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب قومي ميڊيا ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ، ڊيجيٽل ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا انفلونسرز شامل آهن.ضابطه اخلاق موجب چونڊ مهم دوران قومي ميڊيا پاڪستان جي نظريات، خودمختاري ۽ سيڪيورٽي جي خلاف تعصب تي ٻڌل راءِ جي عڪاسي نه ڪندي. اهڙا بيان يا الزام جن سان قومي اتحاد يا امن امان جي صورتحال کي خطرو هجي ان کي نشر نه ڪيو ويندو.اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ميڊيا تي نشر ٿيندڙ خبرن ۾ ڪوبه اهڙو مواد شامل نه هوندو جيڪو ڪنهن به اميدوار، سياسي پارٽي يا مذهب ۽ برادري جي بنياد تي ذاتي حملو هجي. ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ اميدوار جي ٻئي اميدوار تي لڳايل الزامن تي ٻنهي طرف جي بيانن جي تصديق ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو