طارق فضل، حنيف ۽ طلال کي وفاقي وزير بنائڻ جو فيصلو

طارق فضل، حنيف ۽ طلال کي وفاقي وزير بنائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت وفاقي ڪابينه ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. انهي سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف ضروري صلاح مشورا مڪمل ڪري ورتا آهن.ذريعن موجب ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، طلال چوڌري کي وفاقي وزير بنايو ويندو، ڊاڪٽر توقير شاهه کي وزيراعظم شهباز شريف جو صلاحڪار ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽنهي وزيرن ۽ صلاحڪار جي سڀاڻي سومر جي ڏينهن حلف برداري ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي. ياد رهي ته وفاقي ڪابينه في الحال 18 ميمبرن تي ٻڌل آهي جڏهن ته حڪومت جي قلمدانن جو گڏيل انگ 38 آهي، 2 مملڪتي وزير، 3 خصوصي معاون ۽ هڪ صلاحڪار وفاقي حڪومت جو حصو آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو