صوبي ۾ هڪ کان 15 گريڊ تائين نوڪرين تي پابندي برقرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ هڪ کان 15 گريڊ تائين نوڪرين تي پابندي برقرار رکندي درخواست جون سموريون ڪاپيون ڌرين کي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.جسٽس ظفر راجپوت جي سنگل بئنچ سنڌ ۾ هڪ کان 15 گريڊ تائين نوڪرين تي پابندي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ايم ڪيو ايم وڪيل فروغ نسيم عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جڏهن ته سندس جونيئر وڪيل عدالت کان مهلت گهري ورتي آهي. سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ڪنهن به ڌر کي نوٽيس ۽ درخواست جون ڪاپيون نه مليون آهن، جيڪڏهن ڪنهن اداري وٽ درخواست جي ڪاپي نه هجي ته جواب ڪيئن ڏيندو؟ عدالت درخواست جون ڪاپيون سموريون ڌرين کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ نوڪرين تي پابندي برقرار رکي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو