صلاح الدين احمد پاران هندو براداري کي ڏياري مبارڪباد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هندو برادري سميت ٻين اقليتي برادرين جي ملازمن کي پنهنجي مسلمان ڀائرن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي شھر جي خدمت ڪندي ڏسي بيحد خوشي ۽ اطمينان محسوس ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ تہ واٽر ڪارپوريشن جي ٻين ملازمن وانگر هندو برادري سان تعلق رکندڙ سمورن آفيسرن ۽ ملازمن جو اداري جي استحڪام، نيڪ نامي ۽ شهرين جي خدمت بلخصوص ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران پنهنجي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ آباد بلخصوص واٽر ڪارپوريشن ۾ ڪم ڪندڙ هندو برادري سان تعلق رکندڙ سمورن آفيسرن ۽ ملازمن کي سندن مذهبي ڏھاڙي ڏياري جي پرمسرت موقعي تي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ڪيو، هنن چيو تہ پاڪستان جي ترقي ۾ ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ اقليتن سميت هندو برادري جون پڻ بيشمار خدمتون شامل آهن، ھنن چيو ڏياري روشنين جو ڏھاڙو ۽ جشن ملهائڻ جو ھڪ سٺو موقعو آهي ۽ هي ڏينهن اونداهي تي روشني جي فتح ۽ برائي تي چڱائي جي علامت آهي، هنن جو چوڻ هو تہ ڏياري جي موقعي تي اسان کي اتحاد ۽ خدمت جي جذبن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ تہ ڏياري جو ڏھاڙو اسان سڀني کي ياد ڏياريندو آهي تہ اسان کي انهن ماڻھن جي مدد ڪرڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي جيڪي مصيبت ۾ آهن ۽ انهن کي اسان جي مدد جي ضرورت آهي، ھنن چيو واٽر ڪارپوريشن اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ سمورن آفيسرن ۽ ملازمن جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿي ۽ اسان کي پوري اميد آهي تہ هوء پنهنجي پراڻين روايتن کي برقرار رکندي پنهنجي اداري جي استحڪام، نيڪ نامي ۽ شهرين جي خدمت بلخصوص ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا، ھنن وڌيڪ چيو اسان جي دعا آهي تہ روشنين جو پر مسرت ڏھاڙو توهان جي زندگين ۾ امن ۽ خوشحالي آڻي ۽ اسان جي ملڪ ۾ مختلف عقيدن جي ماڻهن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو