ڪراچي(نمائيندن وٽان)ڀٽ شاھ ۾ شهيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافي برادري ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي صحافين ڪارا جهنڊا کڻي هٿن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي ۽ پينافليڪس کڻي نعريبازي ڪئي ۽ شهيد جان محمد مھر جي اصل قاتلن کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، رجب علي بوزدار ،مشتاق احمد راهو، الاهي بخش ابڙو، رانا غلام نبي راجپوت ، رحمدل مگسي ،ذوالفقار علي سومرو، افضل لاشاري ،امتياز علي ابڙو، ڪامران ملوکاڻي ،عرفان لاشاري ، ايڊووڪيٽ جاويد احمد راجپوت،امير علي بليدي ،عدنان راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي م ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو،ڪنب ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پي ايف يو جي پاران ملڪ گير احتجاجي مظاهري جي ڪال تي ڪنب پريس ڪلب آڏو خيرپور يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري نويد احمد کھڙو نائب صدر اڪبر شاهاڻي ڪوٽڏيجي يونين آف جرنلسٽس جي صدر احمد علي رند ڪنب پريس ڪلب صدر همت علي تمراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل هائي وي تي ڌرڻو هنيو.










