سرحد (ن س ) پي ايف يو جي، سڏ تي سنڌ جي ارڏي صحافي جان محمد مهر جي قتل واري واقعي خلاف سرحد پريس ڪلب سامھون قلم ڌڻين جو احتجاجي مظاهرو،ڇتي ناري بازي شھيد صحافي جان محمد مهر جي قاتل ۽ سھولتڪار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو، خبر موجب سرحد ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٹس ۽ سرحد پريس ڪلب جي سڏ تي گهوٽڪي يونين آف جرنلسٹس جي نائب صدر حاڪم خان ابڙو، پريس ڪلب سرحد جي صدر راڻا راحت، عبدالحميد ابڙو،حاجي محمد مھر، اعجاز دايو، بابر مھر، سردار ابڙو، راڻا اقبال، فھيم رضا ملڪ، عبدالغفار ابڙو، ۽ٻين شھيد صحافي جان محمد مهر جي بيرحماڻي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي قلم ڌڻين خطاب ڪندي چيو ته مظلومن ۽ محڪومن جو آواز بڻجي ڏاڍ ۽ جبر خلاف للڪاريندڙ ارڏو ارڏو شهيد صحافي جان محمد مهر سنڌ جي ٽيئن وڏي شهر ۾ ان ڪري قتل ڪيو ويو ته جيئن حق ۽سچ آواز کي دٻائي سگهجي پر اسين ان مزاحمتي تحريڪ جا پوئلڳ آھيون، جن ضياءُ الحق جهڙي آمر کي جهڪايو، ھنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن شهيد جا قاتل سھولتڪار گرفتار نه ٿيا ته پاڪستان جا صحافي ملڪ ليول تي احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي، جڏهن ته مظاهرين ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ کان مطالبو ڪندي چيو ته اگهر شھيد صحافي جان محمد مهر جا اصل قاتل ۽ سھولتڪار گرفتار نه ڪيا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو
