سکر (ن س )سکر ۾ صحافي جان محمد جي قتل جي جاچ لاءِ 7 رڪني گڏيل جاچ ٽيم جوڙي وئي.گڏيل جاچ ٽيم ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، آءِ بي، ايف آءِ اي، رينجرز ۽ پوليس جا آفيسر شامل آهن.ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جي آءِ ٽي ۾ ايس ايس پي سکر، آءِ بي، ايف آءِ اي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر شامل آهن.جاچ ٽيم هڪ مهيني اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندي.جان محمد مهر جي قتل جو ڪيس 11 نامزد ۽ 3 اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سکر، شڪارپور ۽ روهڙي مان 15 جوابدار حراست ۾ آهن.










