سکر( ن س ) شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل جو ڪيس ڀاءُ ڪرم الله ولد محمد پريل مھر جي فرياد تي داخل,پوليس پاران 6 سڃاتل ۽ 3 اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي , پوليس اي ٽي سي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو،ڪيس جوابدار (1) شير محمد عرف شيرل ولد محمد يعقوب، (2)نصير ولد تاج محمد، (3)قربان ولد تاج محمد، (4)روشن ولد تاج محمد،(5) گلزار ولد شير محمد، (6)مير محمد عرف ميرو ولد فقير محمد ذات جا سڀ مانجهاڻي مهر ويٺل نئون چيمن چڪ تعلقو لکي ضلعو شڪارپور جا آهن، شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيو آھي












