شڪر آهي ته اليڪشن جي تاريخ سامهون اچي وئي: شازيه مري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پ پ اڳواڻ شازيه مري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پ پ سدائين صحافين سان سدائين گڏ رھي آھي صحافين به جھموريت جي استحڪام ۽ ڊڪٽيٽرشپ خلاف جيڪو آواز اٿاريو آھي انھي ھمت سان سياسي ورڪرن ۾ به ھمت وڌي ٿي اڄ پوري دنيا ۾ فلسطين جو وڏو مسئلو آھي ـ غزا ۾ جيڪو بربريت ٿئي پئي ـ انھي جي مذمت ڪريون ٿا،پ پ سدائين فلسطينين جي لاءِ ڳالهه ڪئي آھي،شھيد ذوالفقار علي ڀٽو،بينظير،صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو سدائين فلسطينين جي ڳالھ ڪئي آھي،پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته فلسطينين جي لاء جييترو ٿي سگھي اھو ڪري،اسين ايٽمي طاقت آھيون۔ مسلمانن سان نه رڳو پر اقليتن سان پاڙيسري ملڪ ۾ زيادتي ٿئي پئي،اسپتالن تي حملا اھو انسانيت جو مسئلو آھي خدا جو خوف ڪرڻ گھرجي،غزا ۾ 40 صحافي شھيد ٿيا آھن انھي تي جيتري مذمت ڪريون گھٽ آھن، دنيا جا سمورا ملڪ اٿن ـ ستل سٺي نٿي لڳي،اھي حملا روڪڻ گھرجن انسانيت جو مسئلو آھي ،پاڪستان ۾ جيڪا نيازي حڪومت ڪڍي وئي ته انھي جي پٺيان اقتدار نه پر عوام کي معاشي آئيني حق نه پئي مليا،انھي ڪري ضروري ھو عمران خان کي ڪڍيو وڃي،زرداري صاحب چيو آهي ته عمران خان کي آئيني طور ڪڍيو ويو ، زرداري ڪي پي جي حڪومت کي ملائي عمران جي 8 سالن جي حڪومت جو ذڪر ڪيو آھي، انتشار جي سياست طوفان بدتميزي برپا ڪري ان قسم جي سياست عمران نيازي ڪئي ـ ھن ادارن کي سياسي ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪيو ،اختلاف جھمورر حق آھي پر انھي جي آڙ ۾ انتشار پکيڙڻ ڪھڙي سياست آھي، 9 مئي تي حدون پار ڪيون جنهن سان دلي طور تڪليف ٿي ـھن ملڪ ۾ سياست ڪرڻ جي لاء پ پ قربانيون ڏنيون ـ عدليا ڦاھي ڏني جنهن تي انھن بعد ۾ افسوس جو اظھار ڪيو پر انھن جي افسوس سان ڀٽو واپس ايندو؟ ڀٽو ھڪ فلسفو آھي جنھن تي پ پ ھلي ٿي ـ اسين مخالفت کي به بسم الله ڪريون ٿا ـ مقابلو سٺو ٿو لڳي ـاوھان پنهنجي سياست ڪريو ايجنڊا پنهنجي تي ھلو پر اھا پاڪستان جي آئين ـ عوام جي خلاف نه ھجي اسان وٽ آئيڊيالاجي آھي باقي جيڪي گروپ ٺھن ٿا اھي وکري ٿا وڃن، ايندڙ اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري ڏني آھي جيڪو دير آھي پر الله الله ڪري اسانکي اھا تاريخ ملي ـ ھاڻي شيڊيول جو ابتظار آھي ھڪ جھموري پارٽي اليڪشن جو مطالڀو ئي ڪري ٿي سگھي ـ اسان کي اسپيشل فيور ڪڏهن به ناھي ملي ۽ نه ئي گھرجي اسان لاء ريڊ ڪارپيٽ ناھن وڃايا ويا جـن جي شڪل سٺي نه ھجي انھن کي به ڪڌھن ڪڌھن سٺي ڳالهه ڪرڻ گھرجي 70-75 سالن ۾ سانگھڙ ۾ اھڙو ڪم ناھي ٿيو جيڪو اسان خدمت ڪئي آھي اسان وڏا وڏا بت ڪيرايا آھن ،مونکي خوشي ٿي ته ڪنهن جماعت جا نعرا ھڻندڙ ماڻهو به اھا ڳالهه ڪن ٿا ته پ پ ھتي ڪم ڪيو آھي۔زرداري صاحب چيو آهي ته پاڻي بچندو ته پاڻي ملندو ـانھي تي ئي آبپاشي تي ڪم ٿيو آھي،ھتي ويھي ٿر جي ٻارن ۽ بک کي ايڪسپلائيٽ ڪندڙن کي شرم ڪرڻ گھرجي پنهنجي ملڪ کي بدنام ڪندڙن کي ٻڏي مرڻ گھرجي ،2007 ع ۾ بي بي شھادت وقت ڪجھ شرپسندن پاڪستان خلاف ڳالهيون ڪيون ته زرداري چيو ته پاڪستان کپي ـ دل سان پاڪستان کپي ـ سنڌ پاڪستان جي قيام جي سر رکي آھي،بلاول چيو ته لاھور مان وزيراعظم نه ٿيندو اھا ڳالهه آئين ـ قانون ملڪ خلاف ته اناھي ڪئي پ پ کي جواب ڏيڻ اچي ٿو اسين تھذيب جي دائري ۾ جواب ڏيڻ جي پارثي سکيا ڏني آھي ته ڪنهن کي ذاتي طور ٽارگيٽ نه ڪيو وڃي پر ڪجهه پارٽيون اھو ڪن ٿيون ،ماڻهن وٽ وڃڻ ـ البڪيشن ۾ وڃڻ کان ڇو ٿا لنوايو؟ پ پ اليڪشن جو مطالڀو ڪري ٿي ته ان تي تنقيد شروع ٿئي ٿي، بلاول مختلف دنيا جي ملڪن آڏو پاڪستان جي ڳالهه رکي آھي ـھاڻي ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته اسين پرڏيھي وزير ٿينداسين اڻھي سان شھرت ملي ٿي ـ زرداري جي ايتري عمر ناھي جيتريون بيماريون لڳيون آھن انھن تي ھڪ به ڏوھ ثابت ناھي ٿيو کيس پاڪستان ۾ سياست جي سزا ڏني وئي آھي ـ ھن جا 10-12 سال ڪير موٽائيندو؟ ھو شخص کلندي مسڪرائيندي ڪنهن منصوڀا ساز کي جواب نٿو ڏي ھو پنهنجي ڪارڪنن کي رڳو چئي ڇڏي ته انھن منصوڀاسازن کي خبر پئجي ويندي،ھڪ جھموري پارٽي جي مطالبي تي اليڪشن جو اعلان ٿيو آھي، آوھان ته چئو ٿا ته تاريخي جلسو مينار پاڪستان تي ڪيو آھي 60-65 ھزار ماڻهن جو تاريخي جلسو اسان ڪڏهن ناھي ٻڌو ـروڊن تي ڳاڏيون پئي ھليون،86 بيببي جو ويلڪم 2007 واري آجيان به رڪارڊ تي آھي ڀلا تاريخي جلسو ڪيو ته اليڪشن جو ذڪر ڇو نه ڪيو، ليول پلينگ فيلڊ جو مطلب انھن وٽ اسٽڀيلشمينٽ ٿي سگھي اسان وٽ ليول پليبگ فيلڊ۔ جو مطلب شفاف اليڪشن ٿئي،جيڪا پري پول ڌانڌلي ٿئي پئي،ليڊر آف دي ھائوس انھن کي ٺاھيو آھي اڄ جي عسڪري قيادت کي جس ھجي انھن آئين جي بالادستي جي جيڪا ڳالهه ڪئي انھي تي آئون مطعمن آھيان ذوالفقار علي ڀٽو 90 ھزار فوجي ڇڏايا آھن ڪنهن سان دشمني ناھي پر انھي سوچ جا اختلاف آھن جيڪي چون ٿا فيصلا جھموريت نه پر ڪير ٻيو ڪري، جلسي کان ھڪ ڏينهن اڳ اشتهار ھليو ۽ ٻئي ڏينهن اھو اشتهار ليڊ لڳو، 2013- 2018 ع ۾ اتحاد ٺھيا۔ حڪومت ۾ اھي ڳالهيون ڪندا آھن پر پوء اھي سڀ گڏ ٿي کنچڻي پچائيندا ۽ اھو اتحاد وري ڏپ ڪري ويندو ـجن کي به غلط فھمي آھي اھي وري حرڪتون ڪن پيا ليول پيلنگ فيلڊ اسانکي 2007 ـ 2013 ۾ ڌماڪن کي حملن کي منهن ڏنو آھي ـاسانکي خطرا ھئا پر مون اليڪشن وڙھي ،اليڪشن ڪميشن کي منهنجي خلاف خط لکيا ويا جيڪڏهن ھي ليول ليول پلينگ فيلڊ ڏين ته سوچ کان مٿي پ پ سيٽون کڻندي

پهنجو تبصرو موڪليو