شڪارپور (ن س) شڪارپور ۾ امن بحال نه ٿيو، رستم ٿاڻي جي حد مان وڌيڪ 2 ڄڻا مبينا اغوا ٿي ويا ڳوٺ وريام سولنگي ۾ پاڻي جي واري تي ويل 2 ڄڻا نورو واهه وٽان اغوا ٿي ويا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو اغوا ٿيلن جي وارثن جو چوڻ هو ته رات دير سان هٿياربند عبدالغفور سولنگي ۽ عبدالرئوف سولنگي کي اغوا ڪري ويا شڪارپور ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني وڌي وئي آهي، اڳ ۾ ئي ڪيترائي ماڻهو ٿيل آهن جيڪي بازياب ناهن ٿي سگهيا وارثن جو چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي ٻچڙن جي ڳڻتي آهي، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي نوجوانن کي بازياب ڪرائن










