شڪارپور (ن س )شڪارپور جي علائقي ڳڙهي ياسين ڀرسان هوٽل تي ويٺل جوابدارن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا.پوليس موجب فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 3 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا.ان واقعي جي حوالي سان ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ آهي ته فائرنگ کانپوءِ حملي آور فرار ٿي ويا جن جي ڳولا جاري آهي.ايس ايس پي موجب واقعو مهر ۽ مارفاڻي قبيلي ۾ پراڻي دشمني تان پيش آيو.
