پي ٽي آءِ اڳواڻ مروت لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ)پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف جو سينئر نائب صدر شير افضل مروت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهتو هو جتي هن وڪيلن کي خطاب ڪيو ۽ صحافين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي.ذريعن ٻڌايو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ مان واپسي تي کيس جي پي او چوڪ تان گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن موجب شير افضل مروت کي ٿري ايم پي او جي تحت گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ کيس نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو