شيخوپوره: زميني تڪرار تان فائرنگ، ڀيڻ، ڀاءُ ۽ ڀائٽيو مارجي ويو

شيخوپوره: زميني تڪرار تان فائرنگ، ڀيڻ، ڀاءُ ۽ ڀائٽيو مارجي ويو

شيخوپوره (ويب ڊيسڪ)شيخوپوره ۾ زميني تڪرار تان هڪ شخص فائرنگ ڪري پنهنجي ڀيڻ، ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي قتل ڪري ڇڏيو،ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گذريل ڏينهن پيش آيو، جوابدار علي رضا فرار آهي،مارجي ويلن ۾ طارق جٽ، اذان ۽ سندس زال عشرت بيبي شامل آهن،پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي فائرنگ ۾ سندس والد عبدالمجيد پڻ زخمي ٿي پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو