شهيد ڀُٽو عوامي طاقت جي علامت هو: بلاول/آصف/فريال

شهيد ڀُٽو عوامي طاقت جي علامت هو: بلاول/آصف/فريال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالقفار علي ڀٽو عوام جي طاقت جي علامت هو، سندس نظريو، جدوجهد ۽ قربانيون لازوال آهن.شهيد ذوالقفار علي ڀٽو جي 95هين سالگرهه جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀٽو هڪ نظريو آهي، جنهن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ خاڪ بڻجي ويا، جڏهن ته ڀُٽي جو نالو اڄ به پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجي رهيو آهي.هن عزم جو اظهار ڪيو ته جماعت جي باني چيئرمين جي نظريي ۽ مشن جي روشني ۾ 73 جي آئين جي حفاظت، جمهوريت کي مضبوط، پاڪستان کي اسلامي دنيا جو رول ماڊل، ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي جدوجهد کي منزل تي پهچائي کي ساهه پٽينداسين.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي پيپلز پارٽي جي عورت شعبي جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جو پيغام جاري ڪندي چيو ته عوام جو ليڊر اڄ به عوام جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ رهندو،شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي گڏيل آئين، ايٽمي پروگرام ۽ پاڪ چين دوستي جا تحفا ڏنا،شهيد ڀٽو ملڪ ۾ پهريون ڀيرو عوام کي طاقت جو سرچشمو قرار ڏئي اقتدار عوام جي حوالي ڪيو،شهيد محترمه بينظير ڀٽو سڄي زندگي قائد عوام جي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي،صدر آصف علي زرداري شهيد ڀٽو جو 1973ع وارو آئين اصل شڪل ۾ بحال ڪيو،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قائد عوام جو نامڪمل مشن پورو ڪندو ،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان کي برابري ۽ ڀائيچاري جو گہوارہ بڻائينداسين ۽ هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻايو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو