شهيد ذوالفقار ڀٽو سياسي تاريخ ۾ هڪ بلند ترين شخصيت آهي:شرجيل

ڄامشورو(رپورٽر)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هڪ بلند ترين شخصيت آهي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني جي حيثيت ۾، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو مقصد هڪ اهڙو سياسي پليٽ فارم جوڙڻ هو، جيڪو عام ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪري.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شهيد ڀٽو جو نقطئه نظر روايتي سياست کان بالاتر ۽ سماجي، معاشي انصاف ۽ عوام کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرجوش عزم هو، شھيد ڀٽو جيڪي ترقي پسند سڌارا متعارف ڪرايا، انھن جو مقصد سماج جي پٺتي پيل طبقن کي بهتر بنائڻ هو.هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عام ماڻهوءَ سان وابستگي رڳو بيان بازي نه هئي، هن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي منظرنامي کي نئون روپ ڏنو ۽ شهري-ڳوٺاڻي تقسيم کي ختم ڪري قومي يڪجھتي واري جذبي کي ھٿي ڏني.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد ڀٽو عالمي سطح تي پاڪستان جي پوزيشن واضح ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، للڪارن جي باوجود شهيد ڀٽو جو ورثو قائم رهيو ۽ ايندڙ نسلن لاء تحريڪ جو سبب بڻيو.هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ڀٽو جي جمهوري قدرن ۽ سماجي انصاف واري عزم کي اڳتي وڌائي رهيو آهي.شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو جون جمهوريت، انساني حقن ۽ جامع طرز عمل واري حڪمراني لاءِ ڪوششون شهيد ڀٽو جي اصولن جي عڪاسي ڪن ٿيون، پيچيده سياسي منظرنامي، علائقائي ڇڪتاڻ ۽ سماجي ۽ معاشي مسئلن جي حل لاءِ ملڪ کي بلاول ڀٽو جهڙي قيادت جي ضرورت آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ورثو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي روپ ۾ زنده آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي جو بنياد انصاف، برابري ۽ جمهوريت جي اصولن تي رکيو ويو، پيپلز پارٽي اڄ به پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو