شهيد جان محمد مهر قاتلن جي گرفتاري سنڌ ۾ احتجاج جاري

ڪراچي(نمائندن وٽان) سکر يونين آف جرنلسٽس طرفان مرڪزي سڏ تي سکر جي سينيئر صحافي شھيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاء امداد بوزدار، چوڌري ارشاد گوندل، سيد احقر رضوي, شھزاد تاباڻي، سليم سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.ان موقعي تي مظاهرين جي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سينيئر صحافي شھيد جان محمد مهر کي وچ شهر ۾ دهشتگردن گوليون هڻي قتل ڪيو جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي هنن چيو ته شهيد جان محمد مهر جو قتل ڪو عام ماڻھو جو قتل ناهي هي سنڌ جي مظلومن جي آواز جو قتل آهي هي سنڌ جي شعور جو قتل آهي.هنن جو چوڻ هو ته سکر پوليس شھيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٻن سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو آهي پر اسان جو مطالبو آهي ته ڪيس ۾ ملوث جوابدارن سان گڏوگڏ قاتلن جي سهولتڪارن ۽ رٿابندي ڪندڙن کي به وائکو ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.

اسلام آباد: پي ايف يو جي جي سڏ تي آر آءِ يو جي پاران سکر ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، صحافين جي هٿن ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جان محمد مهر جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو ملڪ گير تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري ويندو، ان موقعي تي خطاب ڪندي مرڪزي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت جنرلسٽ پروٽيڪشن بل جي دعويٰ ته وڏي ڪري رهي آهي پر ان تي عمل ڪٿي به نظر نٿو اچي. گذريل ڏينهن شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ (پي ايف يو جي) جي سڏ تي سکر ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل ۽ بلوچستان ۾ خضدار پريس ڪلب جي صدر صديق مينگل ۽ سينيئر صحافي محمد خان ساسولي تي ٿيندڙ قاتلاڻي حملي خلاف نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته جان محمد مهر جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ خضدار جي صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي نه ته احتجاج جو سلسلو ملڪ گير تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري ويندو، ان موقعي تي صحافين جي هٿن ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا، ان موقعي تي خطاب ڪندي مرڪزي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت جنرلسٽ پروٽيڪشن بل جي دعويٰ ته وڏي ڪري رهي آهي پر ان تي عمل ڪٿي به نظر نٿو اچي، احتجاجي مظاهرو کي خطاب ڪندي پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ چيو ته جان محمد مهر جو قتل صحافت تي حملو آهي اسان جو مطالبو آهي ته جان محمد مهر جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، هن چيو ته پاڪستان ۾ صحافين لاءِ پنهنجن ذميوارين جي ادائگي مشڪل ٿيندي پئي وڃي خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ صحافين لاءِ حالتون تنگ ٿينديون پيون وڃن، هن چيو ته جيڪڏهن جان محمد مهر کي وقت تي طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ها ته ان جي زندگي بچائي سگهبي هئي، هن چيو ته اسان جان محمد مهر جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وينداسين، اسان کي اهو نه ٻڌايو وڃي ته جوابدار ڪچي جي علائقي ۾ ڀڄي ويا آهن، سنڌ انتظاميه قاتلن جي گرفتاري لاءِ فوري طور تي قدم کڻي، هن چيو ته سکر يونين آف جنرلسٽس ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن هن ڪيس کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪيو ۽ پي ايف يو جي ۽ جان محمد مهر جي خاندان جي مطالبي موجب ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، هن چيو ته پي ايف يو جي جي سڏ تي سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن جيڪڏهن ان قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته هي احتجاج هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري ويندي ۽ هي تحريڪ جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري تائين جاري رهندي، پي ايف يو جي جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ناصر زيدي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان صحافين لاءِ خطرناڪ علائقا بڻجي ويا آهن اسان اظهار جي آزادي راءِ جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجده جاري رکنداسين، اسان پهريان به صحافت جي تحفظ لاءِ قربانيون ڏنيون هاڻ به ڪنهن قسم جي قرباني کان دريغ نه ڪنداسين، آر آءِ يو جي جي صدر عابد عباسي چيو ته اڄ سڄي ملڪ جا صحافي مطالبا ڪري رهيا آهن ته جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي تائين آندو وڃي، هن چيو ته پاڪستان ۾ صحافين جي قتل جي واقعن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، حڪومت کان مطالبو آهي ته هو اهڙي طرح جي واقعن جي روڪٿام لاءِ فوري قدم کڻي، آر آءِ يو جي جي جنرل سيڪريٽري طارق علي ورڪ چيو ته جان محمد مهر جو قتل صحافت جي شعبي تي سڌي ريت حملو آهي، اسان سمجهون ٿا ته هي هڪ تي حملو سڄي صحافت تي حملو آهي حڪومت کان مطالبو آهي ته فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪري، نيشنل پريس ڪلب جي سيڪريٽري راجا خليل احمد چيو ته نگران حڪومت فوري طور تي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري نه ته جدوجهد جو سلسلو جاري رهندو، پي ايف يو جي جي طرفان جيڪو به سڏ ڏنو ويندو نيشنل پريس ڪلب گڏ بيٺل هوندو، ان موقعي تي سينيئر صحافي اعجاز مهر واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اسان هڪ ٻه احتجاج ڪري پنهنجي مطالبن کان پوئتي نه هٽنداسين بلڪه قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رکنداسين، هن چيو ته انتظاميه جو اهو چوڻ آهي ته هي مقتول جو خانداني تڪرار آهي انتهائي قابل مذمت آهي، جان محمد مهر جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، سينيئر صحافي ايم بي سومرو چيو ته جان محمد مهر تي قاتلاڻي حملي کانپوءِ اسپتال ۾ طبي عملي جو موجود نه هئڻ شرمناڪ آهي، جيڪڏهن طبي سهولتون وقت تي فراهم ڪيون وڃن ها ته اسان جي دوست کي بچائي سگهبو هو، ان موقعي تي احتجاج کي نذير چارڻ، خرم ملڪ، لقمان شاهه، قربان ستي، اصغر چوڌري، اسد شر، شاڪر سولنگي، شاهه محمد ڏيٿو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو