شهيد جان محمد مهر جو مڙهه چڪ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

شهيد جان محمد مهر جو مڙهه چڪ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

سکر: (ن س ) سکر ۾ گذريل رات هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل سينئر صحافي جان محمد مهر جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه کي چڪ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.سکر جي سينئر صحافي جي پهرين جنازي نماز رات دير سان ساڍي 3 وڳي سکر جي مڪي مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز بعد سندس مڙهه کي چڪ پهچايو ويو جتي اڄ صبح جو چڪ ۾ ٻيهر جنازي نماز بعد مڙهه کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سنڌ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهتل صحافين آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. صحافين ۽ صحافتي تنظيمن پاران شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو