شهيد بينظير ڀٽو مون کي ڀاءُ سڏيندي هئي: ڪامران ٽيسوري

شهيد بينظير ڀٽو مون کي ڀاءُ سڏيندي هئي: ڪامران ٽيسوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ملڪ لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون.اڳوڻي وزيراعظم جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ ڪامران ٽيسوري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو مون کي پنهنجو ڀاءُ چوندي هئي، هن جمهوريت کي هٿي ڏيڻ ۽ استحڪام لاءِ وڏيون خدمتون انجام ڏنيون.هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عوام جي ڀلائي لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪيو، سندس خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو