شهر جي اڪثر ريسٽورنٽس جي حالت انتهائي خراب آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر پاران سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڪارڪردگي تي مايوسي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويوآهي،ڪراچي ۾ فوڊ اٿارٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته شهر جي اڪثر ريسٽورينٽس جي حالت انتهائي خراب آهي،هن چيو ته ريسٽورينٽس جي رڌڻن ۾ ڪوئا گهمندا پيا وتن، فوڊ اٿارٽي ڪا به چيڪنگ نه ٿي ڪري،اجلاس ۾ موجود ڊي جي فوڊ اٿارٽي چيو ته روز هڪ سئو جي لڳ ڀڳ ڇاپا هنيا پيا وڃن،وڏي وزير چيو ته ڇاپا هنيا پيا وڃن ته پوءِ صورتحال بهتر ڇو نه پئي ٿئي؟ فوڊ اٿارٽي نه کاڌو چيڪ ڪري ٿي ۽ نه وري پاڻيءَ جا ڪين چيڪ ڪري ٿي،وڏي وزير پاران فوڊ اٿارٽي کي ٽن ڏينهن اندر آپريشنل پلان تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو