شهدادپور ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

شھدادپور: (ن س) شھدادپور ۾ عيدگاھ روڊ تي موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربندن سڌيون منھن ۾ گوليون هڻي ڳوٺ مهر علي ٽالپر واسي 48 ورهين جي موٽر سائيڪل تي سوار ذولفقار علي ولد باغ علي ٽالپر کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا. زخمي کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنسز اسپتال نيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. چڪاس بعد ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ضروري ڪاروائي ڪري لاش کي اطلاع تي پھتل وارثن حوالي ڪيوويو. اھڙي اطلاع تي ڊي ايس پي شھدادپور، ايس ايس ايڇ او شھدادپور سمس اسپتال پهچي تفصيل معلوم ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي. ڊي ايس پي شھدادپور امتياز علي ڊومڪي ۽ ايس ايڇ او شھدادپور ٻڌايو تہ فرار ٿيل جوابدارن کي قابو ڪرڻ لاء ناڪابندي ڪئي وئي آھي، معاملي جي وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آھيون.مقتول جي سالي خدابخش ٽالپورٻڌايو تہ 7 مھينا کن اڳ مقتول جي پٽ شھزاد ٽالپر اسلم ۽ رفيق زرداري وارن جي ڌر جي ڇوڪري سان پيار جو پرڻو ڪيو ھو جنھن جو راڄوڻي فيصلو ڪري ڇوڪري واپس بہ ڪئي وئي اڄ زردارين فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪري پيڇو ڪري وچ شھر ۾ سڌي فائرنگ ڪري ذوالفقار ٽالپر کي قتل ڪري وڏو ظلم ۽ ناانصافي ڪئي آھي ٻئي طرف پوليس اڃا اھڙو ڪيس داخل نہ ڪيو نہ ئي ڪا گرفتاري ڪئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو