ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جو چوڻ آهي ته هو شاگرد يونين جي بحالي لاءِ يونيورسٽين جي انتظاميه سان ڳالهائيندو.تعليم جي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سنڌ جي سمورن وائيس چانسلرن سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي هن ميڊيا کي ٻڌايو ته هن اجلاس ۾ ايڇ اي سي چيئرمين کي به سڏايو ويو هو.تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جو چوڻ آهي ته هن صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ جو چيو آهي.هن اهو به ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن ۾ بين الصوبائي وزارت تعليم جو اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي.
