لاهور (ويب ڊيسڪ)ليپ ٽاپ اسڪينڊل ۾ وڏي انگ ۾ ليپ ٽاپ خراب ٿي ويا.ان سلسلي ۾ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي دستاويزن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته شاگردن ۾ جيڪي ليپ ٽاپ نه ورهايا ويا هئا، اهي رهجي ويا آهن.دستاويزن موجب ليپ ٽاپ اسڪيم جي اسٽاڪ ۾ موجود لکين رپين جا 44 ليپ ٽاپ مڪمل طور تي ناڪاره ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪروڙين رپين جا 262 ليپ ٽاپ خراب آهن، جن جي مرمت جي ضرورت آهي.دستاويزن موجب ليپ ٽاپ اسڪيم جا 4 مرحلو 2011 کان 2017 تائين شروع ڪيا ويا، چئن مرحلن لاءِ 4 لک 26 هزار 275 ليپ ٽاپ خريد ڪيا ويا. دستاويزن موجب 2018ع ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ تي پابندي لڳائي وئي، باقي ليپ ٽاپ مختلف وقتن تي ضرورت موجب مختلف کاتن ۾ ورهايا ويا.










