ڀٽ شاهه (ويب ڊيسڪ)برصغير جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 3 ڏينهن واري عرس جون تقريبون اڄ کان شروع ٿي رهيون آهن.سڄي ملڪ مان عقيدتمندن جي ڀٽ شاهه آمد جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت اڄ سڄي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي ”ست سورمن جو شاعر“ به چيو وڃي ٿو. هن 14 صفر 1165هه مطابق 1752ع ۾ وفات ڪئي.
