شارع فيصل وٽ تيز رفتار ڪار ڪلٽي، نوجوان فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي صدر ٿاڻي جي حد ويجهو تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.ريسڪيو اختيارين موجب صدر ٿاڻي جي حد شاهراهه فيصل وٽ تيز رفتار ڊرائيور بي قابو ٿي بيهي پول سان ٽڪرائجي اونڌي ڪري ويو.حادثي جي نتيجي ۾ ڪار مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، جڏهن ته ڪار ۾ سوار 2 نوجوانن مان هڪ موقعي تي ئي فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ 18 ورهين جي اشعر ۽ زخمي جي 19 ورهين جي تيمور طور ٿي آهي.ريسڪيو اختيارين فوتي جو لاش ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو