سڀني ٻارن کي پڙهڻ، سکڻ، کيڏڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو حق حاصل آهي، باقر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ٻارن جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌ حڪومت واعدو ٿي ڪري ته هر ٻار کي محفوظ، ذميوار ۽ دوستاڻي ماحول ۾ پريشاني، بک، ڊپ ۽ جبر کان پاڪ اڳيان وڌڻ، سکڻ، کيڏڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو حق حاصل آهي. اها ڳالهه نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر اڄ مقامي هوٽل ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران يونيسيف پاڪستان جي سهڪار تحت ڪوٺايل ٻارن جي عالمي ڏينهن جي پروگرام کي خطاب ڪندي چئي. پروگرام ۾ تعليم واري صوبائي وزير راڻا حسين، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ڊاڪٽر شيرين ناريجو، يونيسيف پاڪستان جي نمائندي عبدالله فاديل ۽ ٻين يونيسيف جي نمائندن ۽ ٻارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته اسان کي ٻارن جي عالمي ڏهاڙي کي پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ تفريح جيان ملهائڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ کين حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ انهن کي درپيش وڏن چيلينجن تي بحث ڪرڻ لاءِ موقعو فراهم ڪرڻ گهرجي. نگران وڏي وزير چيو ته اڄ 2023ع ۾ ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ ۾ سنڌ عالمي برادري سان گڏ آهي، ٻارن جي حقن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن تحت ٻارن جي حقن جي پڌرنامي ۾ ڄاڻايل بنيادي اصولن سان گڏوگڏ پنهنجيون قومي ذميواريون پوريون ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ٻيهر ورجائڻ جو موقعو مليو آهي. ۽ وڌيڪ چيو ويو ته ٻارن جي حقن تي ڪنوينشن هڪ بين الاقوامي انساني حقن تي ٻڌل ٻارن ۽ نوجوانن بابت معاهدو آهي جسٽس باقر چيو ته سي آر سي ۽ ان جي ٻن اختياري پروٽوڪول جي هڪ ڌر جي حيثيت سان پاڪستان حڪومت سمورن ٻارن جي انساني حقن جي واڌاري ۽ تحفظ ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجون قومي ۽ بين الاقوامي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ بين الاقوامي ٻارن جي ڏهاڙي تي منهنجي حڪومت عهد ٿي ڪري ته هر ٻار کي پريشاني، بک، خوف ۽ جبر کان پاڪ حق ملڻ گهرجن. وڏي وزير چيو ته ٻار ڪنهن به قوم جو سڀ کان قيمتي اثاثو ۽ ان جي مستقبل جو واحد ضامن هوندا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ته ٻارن کي گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن واري ڪنوينشن تحت کين حق ڏنا وڃن، خاص ڪري پيدائشي رجسٽريشن، تعليم تائين رسائي، غذائيت ۽ صحت جي سار سنڀال، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ صفائي سٿرائي، عزت، تحفظ ۽ ٻيا سڀ حق حاصل هجن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻارن سان ڏاڍ ، جنس، مذهب ۽ نسل جي بنياد تي تعصب جي خاتمي لاءِ ڪيترائي ادارتي ۽ قانوني قدم کنيا آهن. هن يونيسيف ۽ ٻين ڀاڱي ڀائيوارن ۽ تعليم کاتي جي ٻارن جي حقن جي مڪمل ادراڪ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير راڻا حسين چيو ته ٻارن جي عالمي ڏهاڙي اسان کي ٻارن کي درپيش چيلينجز کي سڃاڻڻ جو موقعو ڏنو آهي ۽ ان اميد کي جنم ڏنو آهي ته اسان مجموعي طور تي وڌيڪ ڪجهه ڪري سگهون ٿا ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهون ته هر ٻار جي حقن کي نه فقط تسليم ڪيو وڃي پر مڪمل طور محسوس ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اها اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته انهن چيلينجز کي مڃيون جن کي ٻار منهن ڏئي رهيا آهن ۽ کين ضرورتن ۽ حقن کان وانجهيل آهن. وزير تعليم رعنا حسين گهرن ۽ اسڪولن ۾ ٻارن جي مجموعي ترقي ۾ عورتن جي اهم ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته عورتون ٻارن جي پرورش، کين ڀلائي ۽ انهن جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن جيڪي ڪردار کي تسليم ڪرڻ ۽ ٻارن لاء پرورش ماحول ۽ تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي. سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ڊاڪٽر شيرين ناريجو چيو ته هر ٻار کي معياري تعليم جي رسائي فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ 2014ع ۾ پهريون ايجوڪيشن سيڪٽر پلان ٺاهيو ۽ پوءِ 2019ع ۾ يونيسيف ۽ ٻين ڀاڱي ڀائيوارن جي سهڪار سان نئون تعليمي شعبي پلان ٺاهيو. هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران سيڪٽر ڪوآرڊينيشن، پرائمري ايجوڪيشن ۽ ايمرجنسي ايجوڪيشن سان لاڳاپيل شعبن ۾ مجموعي تعليمي رٿابندي، عملدرآمد ۽ مانيٽرنگ کي بهتر بڻايو ويو آهي ۽ تازو ئي سنڌ ۾ تعليمي نظام، اسڪولن ۾ استادن جو وڏو تعداد شامل ٿيو آهي. ان کان علاوه اسڪولن جي اڏاوت ۾ تيزي آڻڻ، جسماني سزا تي پابندي وارو ايڪٽ متعارف ڪرائڻ، نصابي سڌارا، نان فارمل ايجوڪيشن پروگرام، نياڻين لاءِ اسڪالر شپ پروگرام، اسڪولن جي باقاعده سالياني آدمشماري، خانگي اسڪولن جي پهرين مڪمل مردم شماري، روزاني اسڪولن جي نگراني، اسڪول ڪلسٽرنگ اپروچ، استادن جي پروفيشنل ڊولپمينٽ، ايجوڪيشن ڊيٽا سسٽم کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ نئين انرولمينٽ ۽ ريٽينشن مهم شروع ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي يونيسيف جي نمائندن پڻ ڳالهايو ۽ هر ٻار کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو