سڀني شهرين کي برابري جا حق حاصل آهن:باقر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته رياست جي بنيادي ذميوارين ۾ انساني حقن جي پاسداري شامل آهي. هن اها ڳالهه انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل سندس بيان ۾ ڪئي. نگران وڏي وزير چيو ته اظهار جي آزادي، تعليم ۽ صحت جون سھولتون انساني حقن جو حصو آهن. انساني حقن کي بغير ڪنهن فرق جي فراهم ڪرڻ سان سماج ترقي ڪري ڪندو آھي ۽ انساني حقن کي يقيقني بڻائڻ لاءِ معاشري ۾ انصاف تمام ضروري آهي. سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ سڀني شهرين کي برابري جا حق حاصل آهن. نگران وڏي وزير چيو ته گڏيل قومن کي فلسطين ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي مداخلت ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سندس عالمي برادري کي اپيل آھي ته اڳتي اچي ۽ معصوم انساني جانين کي اسرائيلي ۽ ڀارتي ظلمن کان بچائي.

پهنجو تبصرو موڪليو