سپر هاءِ وي تي هٿياربندن جي فائرنگ،سب انسپيڪٽر قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي سپر هاءِ وي تي هوٽل ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري سب انسپيڪٽر کي قتل ڪري ڇڏيو.ريسڪيو ذريعن موجب سپر هاءِ وي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل سب انسپيڪٽر جي سڃاڻپ 50 ورهين جي عامر علي طور ٿي آهي.ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو ڦر مزاحمت تي پيش آيو، جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.اختيارين جو چوڻ آهي ته مقتول عامر پنهنجي پياري جي قبر تي فاتحه خواني ڪرڻ لاءِ وادي حسين قبرستان ويو هو ته قبرستان مان واپسي تي هوٽل ويجهو جوابدارن کيس ڦر ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا جڏهن ته مقتول جو هٿيار به پاڻ سان گڏ کڻي ويا.پوليس موجب، مقتول کي سيني تي گوليون لڳيون، جيڪو موتمار ثابت ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو