سي پيڪ ٻن قومن جي اميد، ترقي ۽ خوشحالي جي علامت آهي

سي پيڪ ٻن قومن جي اميد، ترقي ۽ خوشحالي جي علامت آهي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته سي پيڪ رڳو هڪ منصوبو ناهي، اهو ٻن قومن جي اميد، ترقي ۽ خوشحالي جي علامت آهي.مريم نواز عوامي جمهوريه چين جي 75 هين قومي ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ چين جي قونصل جنرل زو شيرين سان ملاقات ڪئي ۽ کيس قومي ڏينهن جي مبارڪباد ڏني.تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته چين جي قومي ڏينهن تي پاڪستاني عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. پنجاب جي عوام چيني ڀائرن ۽ ڀينرن کي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ڪري ٿو.هن چيو ته ترقي سان گڏ چيني قوم دنيا ڏانهن دوستي جو هٿ به وڌايو آهي، سي پيڪ پاڪستان جو معاشي منظرنامو تبديل ڪري رهيو آهي، پاور ڪوريڊور کان وٺي عام شهرين جي دلين ۾ چين جو گهر بڻيل آهي.مريم نواز چيو ته چين جي عظمت امن، تعاون ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ ان جي غير متزلزل عزم ۾ آهي، اسان عظيم چيني قوم جو احترام ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو